تذڪره مخاديم کُهڙا

تذڪره مخاديم کُهڙا ( سنڌي ) ( ڪتاب ): ” فوزالاخلاق من فيض الاسلاف عرف تذڪره مخاديم کُهڙا “ جو مؤلف مخدوم ميان الله بخش عباسي آهي . سندس والد مخدوم ميان محمد عاقل ’رابع ‘ عرف مخدوم ميان پير محمد به هڪ وڏو عالم ۽ صاحب تصنيف بزرگ هو . سندس تصنيفات ۾ تواريخ آئينه جهان نما ، رياض محفل ، تفسير پاره عم ۽ مجموعه فتاويٰ جا نالا ملن ٿا . مخدوم ميان الله بخش پنهنجي ڪتاب جو ڪافي مواد ” تواريخ آئينه جهان نما “ تان اخذ ڪيو آهي . ” تذڪره مخاديم کُهڙا “ اصل ۾ فارسي زبان ۾ لکيل آهي ، جنهن جو تذڪرو سيد حسام الدين راشديءَ پنهنجي ايڊٽ ڪيل ڪتاب ” حديقة اولياء “ جي مقدمي ۾ به ڪيو هو . انهيءَ فارسي قلمي نسخي جا ڪيترائي نقل سنڌ جي مختلف ڪتب خانن ۾ موجود آهن . سن 1990ع تائين ، هيءُ تذڪرو فارسي زبان ۾ ئي رهيو . ” تذڪره مخاديم کُهڙا “ جو سنڌي ترجمو پڻ ٿيو آهي ، جيڪو مخدوم غلام احمد ڪيو آهي . هن تذڪري جي ابتدا ۾ کُهڙن جي مخدوم خاندان جو شجرو ، سندن سنڌ ۾ وارد ٿيڻ ۽ کُهڙن ۾ سڪونت اختيار ڪرڻ جو احوال ڏنل آهي . ان کان پوءِ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور جي اهم تاريخي واقعن: جھڙوڪ مخدوم ميان عبدالرحمان ، مخدوم ميان محمد عاقل ( ثاني ) ۽ ٻين معتقدن کي ميان نور محمد ڪلهوڙي پاران شهيد ڪرائڻ جو سربستو احوال بيان ڪيو ويو آهي . تنهن کان سواءِ ان دور جي تاريخي ، سياسي ، مذهبي ۽ تصوف جي روحاني تحريڪن ۽ ٻين ڪيترين ئي اهم ڳالهين جو ذڪر به ڪيو ويو آهي . ڊاڪٽر عطا محمد ” حاميءَ “ ، مذڪوره فارسي قلمي نسخي تان مواد وٺي ، ” کُهڙن جا مخدوم “ جي عنوان سان هڪ مقالو لکيو هو ، جيڪو 1958ع ۾ ماهوار ” نئين زندگيءَ “ ۾ ، ٻن قسطن ۾ ڇپيو هو . دراصل ” حامي “ صاحب جي انهيءَ مٿئين مقالي ۾ ، هن ڪتاب جو اصل روح اچي چڪو آهي . مخدوم غلام احمد جو هيءُ سنڌي ترجمو ، آسان ۽ عام فهم زبان ۾ آهي . مخدوم صاحب خود فارسي زبان جو چڱو عالم هو . هن سنڌي متن جي هيٺان پنهنجا قيمتي نوٽ ۽ حاشيا ڏنا آهن ، جن مان سندس قابليت ۽ تاريخ جي مطالعي جو پتو پوي ٿو . هن ترجمي ۾ هڪ ڪمزوري اها به ڏسڻ ۾ اچي ٿي ته متن ۾ ڪافي هنڌن تي مترجم طرفان پنهنجا اضافا شامل ڪيا ويا آهن ، جن مان ڪن کي ڏنگيءَ ۾ رکيو اٿس ، ته ڪٿي وري ائين ملائي ويو آهي . جنهنڪري ڪن هنڌن تي اصل فارسي متن جو روح مجروح ٿي پيو آهي . ان ترجمي کي ترتيب سان سنواري پروفيسر مخدوم شبير احمد ڇپرايو آهي ، جيڪو مترجم جو فرزند آهي . هي ڪتاب 2005ع ۾ گلشن پبليڪيشن حيدرآباد طرفان شايع ٿيو آهي .


لفظ تذڪره مخاديم کُهڙاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو